جامع مسجد محمدپور اوڍو

جامع مسجد محمدپور اوڍو: هي مسجد 1306هه/1888ع ۾ محمدپور اوڍي جي وڏي زميندار حاجي امام بخش خان اوڍي مرحوم تعمير ڪرائي. مسجد جي ورانڊي ۽ هال جي ڇت ساڳوان جي ڪاٺين سان خوبصورت نموني تعمير ڪئي وئي آهي، ان ۾ ڀتيون، ڪاٺيءَ جون سرن جيتريون چپڙيون لڳائي بند ڪيون ويون آهن. ان کان سواءِ ورانڊي واري اوڀارين ديوار ڪاٺين جي جٽادار ڪم سان تيار ڪرائي وئي آهي ۽ سموريءَ مسجد جي وچ ۾ ڪاٺين جا ٿنڀا استعمال ڪيا ويا آهن. ٻاهرئين مکيه دروازي تي هڪ گول قبي وارو ٻه طبقائي محراب جوڙيل آهي، جتي پيش امام جي رهائش به آهي، اتان ئي آذان به ڏبي آهي. ٻئي طبقا گول قبن سان ٺهيل آهن.





هن صفحي کي شيئر ڪريو